رسول بخش بروهي

رسول بخش بروهي

رسول بخش بروهي

رسول بخش بروهي (دنبوري نواز): ناليوارو، دنبوري نواز، رسول بخش ولد عارب خان بروهي 10 اپريل 1969ع تي ڪچي قلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا ٽن پيڙهين کان دنبوري وڄائڻ جي ڪرت سان سلهاڙيل آهن، جيڪي شاهه نورانيءَ جي درگاهه تي ايامن کان حاضري ڏيندا رهيا آهن، جنهنڪري کين ’شاهه نورانيءَ جا ڌمالي فقير‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. رسول بخش بروهيءَ جي درسي تعليم ڇهه درجا آهي.هن دنبوري جي وڄت جي سکيا پنهنجي والد عارب خان بروهيءَ کان حاصل ڪئي. سندس ميڊيا تي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ٿي، هن کي ريڊيو تي پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو. سندس شمار اڄ ڏينهن تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي فنڪارن ۾ ٿيندو آهي. هو دنبوري نواز سان گڏوگڏ سٺو راڳي پڻ آهي، راڳ ۾ هــو اسـتاد مـجـيـد خــان جـو شـاگرد رهيو آهي. رسول بخش بروهي هارمونيم به مهارت سان وڄائيندو آهي. هو سنڌ جي ناميارن فنڪارن مرحوم استاد وحيد علي خان، امير علي خان'>استاد امير علي خان، استاد ارباب علي خان کوسي، الهبچايي کوسي ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن سان دنبوري تي سنگت ڪري چڪو آهي.
رسول بخش بروهي پاڪستان کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سندس والد عارب خان بروهي به سنڌ جي مشهور دنبوري نواز جي حيثيت سان پوريءَ دنيا ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو هو.


لفظ رسول بخش بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.04.10  عيسوي

ناليوارو، دنبوري نواز، رسول بخش ولد عارب خان بروهي 10 اپريل 1969ع تي ڪچي قلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زبير سومرو
ٿامس هنٽ مورگن
پنهور حاجي خان
ٻڍل شاهه بخاري
حافظ عبدالرحيم
ڪريم بخش چنا
عبدالعزيز ٻرڙو انجنيئر
خانبهادر خير محمد چانڊيو
قاضي عبدالله سيوستاني
ڀائي ڪنيا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون